بلوچي نامو

بلوچي نامو (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف آخوند محمد صديق آهي. هن ۾ خداداد خان واليءَ قلات جي خاندان جي تاريخ قديم الايام کان وٺي مصنف جي زماني تائين آهي. مولائي شيدائيءَ جو چوڻ آهي ته بلوچي تاريخ ۾ هن ڪتاب کي اهوئي درجو حاصل آهي، جيڪو تحفة الڪرام کي سنڌ جي تاريخ ۾ حاصل آهي. هن تاريخ جو هڪ نسخو خان قلات جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو